AuthorsDen.com   Join (free) | Login  

   Popular! Books, Stories, Articles, Poetry
Where Authors and Readers come together!

SIGNED BOOKS    AUTHORS    eBOOKS new!     BOOKS    STORIES    ARTICLES    POETRY    BLOGS    NEWS    EVENTS    VIDEOS    GOLD    SUCCESS    TESTIMONIALS

Featured Authors:  Roger Vizi, iE T Waldron, iBetty Jo Tucker, iDouglas Skopp, iDr. Ronald Bissell, iL. D. Rafey, iArthur Mills, Jr., i

  Home > Literary Fiction > Stories
Popular: Books, Stories, Articles, Poetry     

liaquat razvi

· Become a Fan
· Contact me
· Books
· Poetry
· Stories
· 9 Titles
· 2 Reviews
· Save to My Library
· Share with a friend
· Add to Favorites
·
Member Since: Mar, 2009

Bookmarks
Add this page to
your Bookmarks List
 
liaquat razvi, click here to update
your web pages on AuthorsDen.com.



Featured Book
Entangled in Darkness
by Lindsey Webster

Entangled in Darkness is a fictional novel about a young woman and her family and their struggle to survive in the face of mental illness...  
BookAds by Silver
Gold and Platinum Members






     Recent stories by liaquat razvi
· man saved from solitude - 3/11/2010
· Time, i and american foreign policy - 3/11/2010
· closed into bag - 3/11/2010
· NAME - 2/26/2010
           >> View all 5


Share    Print  Save   Become a Fan


MARHEE
By liaquat razvi
Thursday, March 11, 2010

Rated "G" by the Author.

Share this with your friends on FaceBook

sindhi short story

 

                                                                                                    ڪھاڻي
                                                                                               لياقت رضوي
                         
                       ماڙي
 
                        مثالُ نـ ھيرو ڊوٽس، نـ نٽشيءَِِ، نـ اسپنوزا، نـ ڪانٽ ، نـ البيروني،نـ برگسان مطلب تـ ڪنهن بني بشر اگر اڳ ۾ اھو ڪونـ ٻڌايو آھي تـ ’ انسانذات جي سموري تاريخ، ان ۾ بيان ٿيل سمورا سچِِ،سمورا ڪوڙَ ۽ فنا ٿي ويل تهذيبون محض ھڪ امڪان آھي ۽ اھو بـ تـ رڪارڊ تي آيل عمارتن،پُلن۽ رستن کان ، تاريخ جي رڪارڊ ۾ نـ آيل سچَ،ڪِوڙَ،عمارتون،پلون ۽ رستا،ھڪ ھزار ھڪ ٽرلين دفعا وڌيڪ ٿي سگھن ٿا‘ تڏھن بـ ماڙيََءِ لاءََ ڪو فرق ڪونـ ٿو پوي. ماڙي تاريخ ۾ رڪارڊ تي اچي يا نـ اچي لافاني آھي . اھا ڪا انساني جذباتي لڳاوءُ جي ترنگ ۾ چيل ڳالھـ ڪونھي بلڪ ماڙي
 جوپنهنجو اھو خيال آھي. ان جي نظر ۾ انسان کانسواءَِ باقي سڀڪجهـ لافاني آھي. ۽ جيئن تـ ماڙي، بقول سندس تـ خوشقسمتيءَ سان انسانُ ڪانھي، باقي سڀڪجھـ آھي. مثال طور سرنِ،گاري،ڪاٺ ۽ انساني ارادي سان ٺھيل اھا عمارت(ماڙي)جنھن جي ھيٺيان ھڪ ھوٽل ھُجي،جنهن جيِ پاڻي سان ڀريل سينواريل نادي،بلڪل ان دروازي ڀرسان رکيل ھُجي،جنهن کي کولڻ سان ئي،سدائين ڇانوَ ۾ رھندڙ سرنِ جي ڏاڪڻ استقبال لاءَ موجود ھُجي،جنهن جو آخري ڏاڪو، باقي ڏاڪن کان نـ رڳو وڏو ھُجي بلڪ مستطيل بجاءِ ھم چورس ھُجي،جنهن جي ڏکڻ طرف لڳل دروازو،ھڪ وسيع صحن ۾،اچانڪ مليل خوشي وانگر کلندو ھُجي. صحن جي اوڀر ۾ ٺھيل ٻن ڪمرن مان ھڪ ۾ جيڪڏھن رئڪ ئڪ ئي ھجن ڪتابن،رسالن ۽ اخبارن سان ڀريل ۽ گڏوگڏ ھڪ گهري ناسي رنگ جي وڏي ٽيبل ۽ سورھن ڪرسيون سدورن ٻارن وانگر قطار ۾ موجود ھُجن ۽ ٻيو ڪمرو بيڊ روم ھجي،جنهن جي ھَڪڙي ڀت تي فريم ٿيل سنڌ جي نقشي ۾،بنان مرڪڻ جي ،جي ايم سيد جو فوٽو لڳل ھُجي. سدائين ڇانوَ ۾ رھندڙ ڏاڪڻ جي مٿان جيڪڏھن ڪشادو،شاور ۽ ڪموڊ سان بنان ڇت جي باٿ روم ھجي،تڏھن بـ ماڙي لاء ڪو فرق ڪونـ ٿو پوي.ان جي خيال ۾ لافاني شين جي لاء ’ڇا،ڇا آھي؟ يا ڪير،ڪير آھي؟‘سان ڪو فرق ڪونـ پوندو آھي. ماڙي لاء تـ ان ڳالهـ سان بـ ڪو فرق ڪونـ ٿو پوي تـ ڪتابن ۽ ڪرسين واري ڪمري ۾ جي،ڪيترائي انسانَ،ادب،شاعريءَ،موسيقيءَ،حُسن يا سنڌ جي آزاديءَ ۽ آجپي تي رومانوي طرح ڪلاڪن جا ڪلاڪ گفتگو ڪندا رھن.ائين جي بهار جي موسم ۾،دينو ڊيڪوريشن واري کان اوڌر تي ڪرسيون،قناتون،گلم ۽ اسٽيج لاءِ ٽيبلون گهرائي،ستارن ڀرئي آسمان ھيٺيان،ڪڏھن سنڌ جي ڪمسن شهيد ھيمون ڪالاڻي،ڪڏھن افسانوي عزم ۽ طاقت جي مالڪ دولهـ درياھ خان،ڪڏھن سنڌ سان پنهنجي عشق کي سياسي رنگ ۾ رنڱيندڙ جي.ايم سيد يا ٻين قومي ھيرن جون سالگرھون يا ورسيون ملهايون وڃن ۽ پوءِ بـ اھا جاءِ(ماڙي) سياسي مرڪز بجاءِ محض انفرادي ادبي سرگرميءَ جي جاءِ ئي رھي،جتي يادگار چپن ۽ سهڻين اکين وارو ھڪ شاعر پاڻ لاءِ فرض ڪيل محبتن تي جيڪي شعر تخليق ڪري،پوءِ پنهنجي جادوئي آواز ۾ جتي بـ پڙھي تـ واه واه ٿيندي رھي. اھو تـ ڇا، ماڙيءَ کي تـ ان ڳالهـ تي بـ ڪو اعتراض ڪونهي تـ پوءِ ان يادگار چپن ۽ سُهڻين اکين واري شاعر جي معشوق جي ڪري،سڄي ماڙي ئي خوشيءَ،غمَ،بيوسيءَ،جنون ۽ تڙپڻ سان ڀريل ياد وانگر ٿي پئي ھُجي. ڀلي پوءِ ھوٻيئي،سيموئل بيڪٽ جي ڪردار، وِني وانگر،نـ رڳو پنهنجي لاءِ پاڻ خوشي ٿي ويا ھجن،بلڪ ھڪ ٻئي جي لاءِ بـ ھڪ جيترا غم ۽ خوشي ٿي ويا ھُجن. ٻيو تـ ٺهيو پر ماڙيءَ لاءِ تـ ان ڳالهـ جي بـ ڪا اھميت ڪانهي تـ پوءِ ان ۾ ھڪ ھزار نوَ سوُ اسي بيپناھ شهوت سان ڀريل طويل چميون،جن ۾ ٻـ زبانون ھڪٻئي سان وڇڙيلن وانگر مليل ھجن ۽ ھڪ لک چوويهـ ھزار اکين،ڳٽن،ھٿن ۽ خطن تي ڏنل مِٺيون ۽ ٻـ ھزار ٽيهٺ،ھڪٻئي تي قربان ٿيڻ جهڙا ڀاڪرَ رھجي ويا ھُجن،جن ۾ عاشق ۽ معشوق جو ھڪجيترو حصو هجي، ۽ نيٺ جيڪي پوءِ،ساسانين جي منجيق بازن جي مدد سان،عرب جي ھڪ لسڙي پر فتحمند تقدير سان آيل ڇوڪري ھٿان سنڌ جي مفتوح ٿيڻ واري لمحي کان،لڳ ڀڳ ھڪ ھزار ٻـ سوُ اوڻانوي سالن کانپوءِ،ڀلي ماڙيءَ جي ملبي سان ملي ھڪ مسجد ۾ تبديل ٿي ويا ھُجن،جنهنجي ھيٺيان ھاڻي ھوٽل جي جاءِ تي شاپنگ سينٽر ٺهي ويو ھجي. پر ماڙيءَ لاءِ ڪوبـ فرق ڪونـ ٿو پوي،جنهن کي ان ڪري بـ مرحومـ نٿو لکي سگھجي جو اُھا بقول سندس انسان ڪان ھُئي.   
 
 
 
* ليکڪ جا حق ۽ واسطا محفوظ.. لياقت رضوي

 


Want to review or comment on this short story?
Click here to login!


Need a FREE Reader Membership?
Click here for your Membership!



   - eBooks
   - Marketplace
   - FaceBook


Popular
Literary Fiction Stories
1. The Shower: Caution, R Rated
2. Details
3. Rethinking Max
4. Not Much Time
5. Creep
6. Prowling for Kitty Cat Barbe-coon
7. Dying Embers,Smoldering Ash
8. The Death Of Josiah Johnson/ 2nd installme
9. Beyond The Forest - Part I
10. Beyond The Forest - Part V


Featured Book
Strictly Business
by Rita Hestand

She was an Italian Norma Rae at Cunningham Hats, he was the playboy boss! She was the only woman he was sure he'd never love. Since he had to marry to inherit his grandfa..  
BookAds by Silver
Gold and Platinum Members




Authors alphabetically: A B C D E F G H I J K L M N O P Q R S T U V W X Y Z

Bookmark this page to your Favorites
Featured Authors
| New to AuthorsDen? | Add AuthorsDen to your Site
Share AD with your friends | Need Help? | About us


Problem with this page?   Report it to AuthorsDen
© AuthorsDen, Inc. All rights reserved.