Share
Print
Save
Become a Fan
MARHEE
By liaquat razvi
Thursday, March 11, 2010
Rated "G" by the Author.
 |
|
sindhi short story
ڪھاڻي
لياقت رضوي
ماڙي
مثالُ نـ ھيرو ڊوٽس، نـ نٽشيءَِِ، نـ اسپنوزا، نـ ڪانٽ ، نـ البيروني،نـ برگسان مطلب تـ ڪنهن بني بشر اگر اڳ ۾ اھو ڪونـ ٻڌايو آھي تـ ’ انسانذات جي سموري تاريخ، ان ۾ بيان ٿيل سمورا سچِِ،سمورا ڪوڙَ ۽ فنا ٿي ويل تهذيبون محض ھڪ امڪان آھي ۽ اھو بـ تـ رڪارڊ تي آيل عمارتن،پُلن۽ رستن کان ، تاريخ جي رڪارڊ ۾ نـ آيل سچَ،ڪِوڙَ،عمارتون،پلون ۽ رستا،ھڪ ھزار ھڪ ٽرلين دفعا وڌيڪ ٿي سگھن ٿا‘ تڏھن بـ ماڙيََءِ لاءََ ڪو فرق ڪونـ ٿو پوي. ماڙي تاريخ ۾ رڪارڊ تي اچي يا نـ اچي لافاني آھي . اھا ڪا انساني جذباتي لڳاوءُ جي ترنگ ۾ چيل ڳالھـ ڪونھي بلڪ ماڙي
جوپنهنجو اھو خيال آھي. ان جي نظر ۾ انسان کانسواءَِ باقي سڀڪجهـ لافاني آھي. ۽ جيئن تـ ماڙي، بقول سندس تـ خوشقسمتيءَ سان انسانُ ڪانھي، باقي سڀڪجھـ آھي. مثال طور سرنِ،گاري،ڪاٺ ۽ انساني ارادي سان ٺھيل اھا عمارت(ماڙي)جنھن جي ھيٺيان ھڪ ھوٽل ھُجي،جنهن جيِ پاڻي سان ڀريل سينواريل نادي،بلڪل ان دروازي ڀرسان رکيل ھُجي،جنهن کي کولڻ سان ئي،سدائين ڇانوَ ۾ رھندڙ سرنِ جي ڏاڪڻ استقبال لاءَ موجود ھُجي،جنهن جو آخري ڏاڪو، باقي ڏاڪن کان نـ رڳو وڏو ھُجي بلڪ مستطيل بجاءِ ھم چورس ھُجي،جنهن جي ڏکڻ طرف لڳل دروازو،ھڪ وسيع صحن ۾،اچانڪ مليل خوشي وانگر کلندو ھُجي. صحن جي اوڀر ۾ ٺھيل ٻن ڪمرن مان ھڪ ۾ جيڪڏھن رئڪ ئڪ ئي ھجن ڪتابن،رسالن ۽ اخبارن سان ڀريل ۽ گڏوگڏ ھڪ گهري ناسي رنگ جي وڏي ٽيبل ۽ سورھن ڪرسيون سدورن ٻارن وانگر قطار ۾ موجود ھُجن ۽ ٻيو ڪمرو بيڊ روم ھجي،جنهن جي ھَڪڙي ڀت تي فريم ٿيل سنڌ جي نقشي ۾،بنان مرڪڻ جي ،جي ايم سيد جو فوٽو لڳل ھُجي. سدائين ڇانوَ ۾ رھندڙ ڏاڪڻ جي مٿان جيڪڏھن ڪشادو،شاور ۽ ڪموڊ سان بنان ڇت جي باٿ روم ھجي،تڏھن بـ ماڙي لاء ڪو فرق ڪونـ ٿو پوي.ان جي خيال ۾ لافاني شين جي لاء ’ڇا،ڇا آھي؟ يا ڪير،ڪير آھي؟‘سان ڪو فرق ڪونـ پوندو آھي. ماڙي لاء تـ ان ڳالهـ سان بـ ڪو فرق ڪونـ ٿو پوي تـ ڪتابن ۽ ڪرسين واري ڪمري ۾ جي،ڪيترائي انسانَ،ادب،شاعريءَ،موسيقيءَ،حُسن يا سنڌ جي آزاديءَ ۽ آجپي تي رومانوي طرح ڪلاڪن جا ڪلاڪ گفتگو ڪندا رھن.ائين جي بهار جي موسم ۾،دينو ڊيڪوريشن واري کان اوڌر تي ڪرسيون،قناتون،گلم ۽ اسٽيج لاءِ ٽيبلون گهرائي،ستارن ڀرئي آسمان ھيٺيان،ڪڏھن سنڌ جي ڪمسن شهيد ھيمون ڪالاڻي،ڪڏھن افسانوي عزم ۽ طاقت جي مالڪ دولهـ درياھ خان،ڪڏھن سنڌ سان پنهنجي عشق کي سياسي رنگ ۾ رنڱيندڙ جي.ايم سيد يا ٻين قومي ھيرن جون سالگرھون يا ورسيون ملهايون وڃن ۽ پوءِ بـ اھا جاءِ(ماڙي) سياسي مرڪز بجاءِ محض انفرادي ادبي سرگرميءَ جي جاءِ ئي رھي،جتي يادگار چپن ۽ سهڻين اکين وارو ھڪ شاعر پاڻ لاءِ فرض ڪيل محبتن تي جيڪي شعر تخليق ڪري،پوءِ پنهنجي جادوئي آواز ۾ جتي بـ پڙھي تـ واه واه ٿيندي رھي. اھو تـ ڇا، ماڙيءَ کي تـ ان ڳالهـ تي بـ ڪو اعتراض ڪونهي تـ پوءِ ان يادگار چپن ۽ سُهڻين اکين واري شاعر جي معشوق جي ڪري،سڄي ماڙي ئي خوشيءَ،غمَ،بيوسيءَ،جنون ۽ تڙپڻ سان ڀريل ياد وانگر ٿي پئي ھُجي. ڀلي پوءِ ھوٻيئي،سيموئل بيڪٽ جي ڪردار، وِني وانگر،نـ رڳو پنهنجي لاءِ پاڻ خوشي ٿي ويا ھجن،بلڪ ھڪ ٻئي جي لاءِ بـ ھڪ جيترا غم ۽ خوشي ٿي ويا ھُجن. ٻيو تـ ٺهيو پر ماڙيءَ لاءِ تـ ان ڳالهـ جي بـ ڪا اھميت ڪانهي تـ پوءِ ان ۾ ھڪ ھزار نوَ سوُ اسي بيپناھ شهوت سان ڀريل طويل چميون،جن ۾ ٻـ زبانون ھڪٻئي سان وڇڙيلن وانگر مليل ھجن ۽ ھڪ لک چوويهـ ھزار اکين،ڳٽن،ھٿن ۽ خطن تي ڏنل مِٺيون ۽ ٻـ ھزار ٽيهٺ،ھڪٻئي تي قربان ٿيڻ جهڙا ڀاڪرَ رھجي ويا ھُجن،جن ۾ عاشق ۽ معشوق جو ھڪجيترو حصو هجي، ۽ نيٺ جيڪي پوءِ،ساسانين جي منجيق بازن جي مدد سان،عرب جي ھڪ لسڙي پر فتحمند تقدير سان آيل ڇوڪري ھٿان سنڌ جي مفتوح ٿيڻ واري لمحي کان،لڳ ڀڳ ھڪ ھزار ٻـ سوُ اوڻانوي سالن کانپوءِ،ڀلي ماڙيءَ جي ملبي سان ملي ھڪ مسجد ۾ تبديل ٿي ويا ھُجن،جنهنجي ھيٺيان ھاڻي ھوٽل جي جاءِ تي شاپنگ سينٽر ٺهي ويو ھجي. پر ماڙيءَ لاءِ ڪوبـ فرق ڪونـ ٿو پوي،جنهن کي ان ڪري بـ مرحومـ نٿو لکي سگھجي جو اُھا بقول سندس انسان ڪان ھُئي.
* ليکڪ جا حق ۽ واسطا محفوظ.. لياقت رضوي
|
|
Want to review or comment on this
short story?
Click here to login!
Need a FREE Reader Membership?
Click here for your Membership!
|
|