AuthorsDen.com   Join | Login    
Where Authors and Readers come together!

SIGNED BOOKS    AUTHORS    BOOKS    SAMPLE CHAPTERS    AUDIOBOOKS    eBOOKS    STORIES    ARTICLES    POETRY    BLOGS    NEWS    VIDEOS    SUCCESS    TESTIMONIALS

Featured Authors:  Peter Jessop, iBryon Smith, iDavid Clure, iJohn Burns, iGary Caplan, iPatricia Hilliard, iOdin odin@aflx.com, iDavid Young, iLloydene Hill, iKarin Adams, i

  Home > Action/Thriller > Articles Popular: Books, Stories, Articles, Poetry      Authors: A B C D E F G H I J K L M N O P Q R S T U V W X Y Z     

Zulfiqar Khaki

 Follow Me  

· Contact Me
· Articles
· Poetry
· 15 Titles
· 6 Reviews
· Save to My Library
· Share with Friends!
·
Member Since: Apr, 2010

Zulfiqar Khaki, click here to update your pages on AuthorsDen.


Qalandar lal Shahbaz
by Zulfiqar Khaki   
Not "rated" by the Author.
     
Recent articles by
Zulfiqar Khaki

• Fighting terror
• letter
• please visit Skatches Community
• This my letter has been published in daily DAWN karachi.
• A Letter written for Daily Dawn Karachi
           >> View all

this is my article published on 31st July 2010 in daily kawish (Sindhi) Hyderabad sindh Pakistan about great sufi saint Hazrat Qalandar Lal Shahbaz of Sehwan Shareef

دم مست قلندر مست مست

شانِ قلندر

ذوالفقار خاڪي

سيدنا عثمان مروندي المعروف قلندر لال شهباز رح جو 758 هون عرس مبارڪ پنهنجي روايتي شان و شوڪت سان شروع ٿي چڪو آهي ۽ ماڻهن جا هشام درگاهه لال شهباز قلندر ڏانهن من ۾ آسون ۽ مرادون کنيو ملڪ ۽ پرڏيهه جا ماڻهو سيوهڻ شريف ۾ اچي رهيا آهن ۽ رستي جي ڪنهن به  ڏکيائي جي پرواهه نٿا ڪن. مروند جهڙو جنت نظير ملڪ، ان جو تخت ۽ تاج ترڪ ڪري، سنڌ جي سيوهڻ شريف جهڙي گرم ترين شهر کي پنهنجي ابدي آرام لاءِ منتخب ڪندڙ سيد محمد عثمان مروندي المعروف لال شهباز قلندر رح جي عرس مبارڪ ۾ زبان، رنگ، نسل، وطن، ٻولي ۽ مذهبي تفاوتن کان بالاتر ٿي زندگي گذاريندڙ آزاد منش انسانن جو هڪ وڏو انگ اڄ جڏهن عقيدت ۽ محبت وچان”جهولي لال“  يا ”حيدر قلندر“ جا مستانه وار نعرا لڳائين ٿا تڏهن احساس ٿئي ٿو ته انسانن جو هڪ وڏو انگ خوشي، مسرت ۽ فرصت ۽ سڪون جي لمحن ۾ به لال سائين جي فهم ۽ فڪر جو اظهار ڪري رهيو آهي  ۽ سچ ته هي ماڻهن جي لال سائين سان عقيدت جو وڏو اظهار آهي.

ڄامشوري جي هڪ علمي اداري جي مهتمم رضا محمد سعيدي  لال سائين جي عرس جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته رچرڊ  برٽن لال سائين جي جن ديني  ڪتابن يعني: عقد، قسم دوم، اجناس، ميزان الصرف وغيره جي هجڻ بابت  ڳالهه ڪئي آهي ان بابت حڪومت وقت کي گهرجي ته لال سائين جي انهن ڪتابن کي ٻيهر شايع ڪرائي مدرسن تائين پهچايو وڃي ته جيئن اسان جي مدرسن جا طالب علم لال سائين جي علم مان فائدو پرائيندي عربي  گرامر وغيره جي علم ۾ وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪري سگهن سندس بقول  عام زائرين کي گهرجي ته هو لال سائين جي ميلي دوران ان ڳالهه کي ذهن  ۾ رکن ته هي ميلو ان عظيم الشان ولي الله جو آهي جنهن لاءِ ڪتابن ۾ آيل آهي ته پاڻ ستن ورهين جي عمر ۾ قرآن پاڪ حفظ ڪيو هو، ته سڀ پنهنجن ٻارن کي قرآن شريف جي علم سان ضرور روشناس ڪرائين. سعيدي صاحب سان ڪيل اهڙي گفتگو کان پوءِ خيال آيو ته خود سيوهڻ شريف جي شهر جا اهي ماڻهو جيڪي لال سائين سان ڪيترن ئي حوالن سان ويجهڙائپ رکن ٿا، ڏسجي ته علم جي حصول بابت انهن جو پنهنجو رويو ڪهڙو رهيو آهي. ان بابت معلومات اسان کي درگاهه قلندر لال شهباز رح جي گادي نشين سبزواري ساداتن مان سيد فتح علي شاهه عرف حاجن شاهه سبزواري وٽان اها ملي ته بقول سائين حاجن شاهه سبزواري سندس والد  صاحب سيد وريل شاهه سبزواري 1921ع ۾بمبئي يونيورسٽي مان گريجوئيشن ڪئي هئي ۽ هو سنڌ جي ساداتن ۾ پهريون گريجوئيٽ هو. جنهن بابت معلوماتي ڪتاب  Who is Who-What is What ۾  پڻ اهڙي معلومات ڏني ويئي هئي ته هو سنڌ جي سيدن مان پهريون گريجوئيٽ آهي. سائين وريل شاهه ڇاڪاڻ ته علمي ماڻهو هو تنهنڪري هن ضرورت محسوس ڪئي ته لال سائين تي ڪو جامع ڪتاب هئڻ گهرجي ان ڪري هن وسيلا، مدد ۽پنهنجي ڀرپور توجهه فراهم ڪري پنهنجي  نگراني ۾ جليل سيوهاڻي کان لال سائين بابت پهريون ڪتاب ”الشهباز“ لکرايو.

 حضرت لال شهباز قلندر رح سچ ته سنڌ واسين لاءِ الله رب العالمين جو هڪ عظيم عطيو آهي. شهيد محترمه بينظير ڀٽو پڻ لال سائين بابت اهڙا ويچار رکندي هئي هن هڪ ڀيري ڪتاب ”سوانح شهباز“ لاءِ پنهنجي پيغام ۾ چيو هو ته ”سنڌ جي سرزمين کي اهو شرف حاصل آهي ته اها مختلف جليل القدر اولياء ۽ صوفياءِ ڪرام ۽ حق گو درويشن جي آماجگاه رهي آهي ۽ اها نهايت خوشي  ۽ اطمينان جي ڳالهه آهي ته حضرت مخدوم محمد عثمان مروندي، کي سموري دنيا حضرت  لال شهباز قلندر جي نالي سان ياد ڪري ٿي، اولياء ڪرام خاص طور تي سنڌ کي علمي ادبي روحاني ۽ اخلاقي قدر کان محصور ڪيو آهي ۽ ان ڏس ۾ شهباز قلندر رح جو اسمِ گرامي نمايان آهي. منهنجي خيال ۾ لال سائين کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو بهترين طريقو اهو آهي ته اسين سڀ  خلوص دل سان سندن تعليمات تي عمل ڪريون، جيڪي محبت،  اخوت، اتحاد ۽ ڀائي چاري جون مظهر آهن،

شهنشاهه قلندر جو اسمِ گرامي اسين ڏسون ٿا ته فنڪارن جي حلقن ۾ به هميشه قصيده گوئي جي حوالي سان تمام نمايان رهيو آهي. برضعير پاڪ و هند جي عظيم گائڪ خانصاحب بڙي غلام علي خان لال سائين جي درگاهه تي ”لال موري پت رکيو ڀلا جهولي لالڻ“ واري ڌمال ڳائي جهڙوڪر ٻين فنڪارن کي به اهڙيون ڌمالون ڳائڻ لاءِ اتساهيو آهي. ۽ هن سلسلي کي خانصاحب نصرت فتح علي خان ”دم مست قلندر مست مست“ جي عنوان واري قوالي ڳائي بين الاقوامي سطح تي پهچائي ڇڏيو. خانصاحب نصرت فتح علي خان جي خاندان سان واسطو رکندڙ فنڪار راحت فتح علي خان به لال سائين جو عقيدتمند آهي ۽ 28 جولاءِ، 2010 تي لاهور جي مشهور سماجي ۽ ثقافتي شخصيت يوسف صلاح الدين جيڪو علامه اقبال جو پوٽو پڻ آهي ان کي ڪنهن ڪم سانگي فون ڪيم ته هو ان وقت هڪ اهڙي محفل ۾ ويٺل هو جو فون تي لال سائين جي شان ۾ ڳايل قصيدن جا ٻول ڪنن تائين پهچي رهيا هئا. يوسف صلاح الدين ٻڌايو ته هو ان وقت لاهور شهر ۾ ڪنهن هنڌ استاد راحت فتح علي خان پاران منعقد ڪيل ”شام قلندر رح“ جي جشن ۾ شريڪ هو. ۽ هن اهو به ٻڌايو ته ”شام قلندر رح“ جي عنوان سان لاهور شهر  جي ڪيترن ئي هنڌن تي جشن ٿيندا آهن ۽ ائين ماڻهو جشن ملهائيندا 18 شعبان تي سيوهڻ شريف ۾ لال سائين جي درگاهه تي اچي حاضري ڏيندا آهن. ڇو ته اسان ماڻهن جي نظر ۾ لال سائين نه صرف سنڌ يا پنجاب پر پوري پاڪستان بلڪه دنيا جي انسانن لاءِ روشني ۽ هدايت فراهم ڪرڻ واسطي محنتون ڪيون آهن ۽ هن راهه ۾ ڪشالا ڪڍيا آهن.تنهنڪري اسين سندس عرس مبارڪ کي شايانِ شان طريقي سان ملهائي دنيا کي اهو ئي پيغام ڏيندا آهيون ته قلندر شهنشاهه سان اسان جون محبتون عالمگير آهن. ساڳي ڳالهه راحت فتح علي خان جي ڀاءُ معروف علي خان به ڪئي ته اسين فنڪار ماڻهو سدائين انهن کي ڳائيندا آهيون جن پنهنجي زندگي ۾ ڪوبه ڪارنامو انجام ڏنو هجي. ۽ لال سائين جو وڏي ۾ وڏو ڪارنامون اهو آهي جو پاڻ دنيا جي ڪروڙين ماڻهن کي پنهنجو ڪيو آهي ۽ ان جو واضح ثبوت اهو آهي ته لال سائين جي درگاهه تي سڄي دنيا اچي ٿي ۽ ڪنهن کي به يعني: ٻارن، عورتن، غير مسلمن کي درگاهه ۾ اندر اچڻ جي منع ٿيل نه آهي ۽ هي تمام وڏي ڳالهه آهي جو سيوهڻ شريف جا هندو خاندان به ديوان آسن داس ۽ ديوان لڌو مل وغيره سان  گڏ پنهنجن بزرگن لال داس ۽ مولچند جي وقت جون مينديون کڻي ايندا آهن.

اڄ لال سائين جي عرس مبارڪ جي موقعي تي اسين  ڏسون ٿا ته درگاهه قلندر لال شهباز رح ۾ عقيدتمندن جا ميلا متل آهن پر محبتن ۽ عقيدتن جا اهڙا منظر سرڪار بودلي بهار جي مزار تي به ڏسڻ ۾ اچن ٿا جو پاڻ لاءِ مشهور آهي ته لال سائين جي سيوهڻ آمد کان پهرين اچي قلعي ڀرسان ويٺا هئا سيوهڻ واسين کي آگاهي ڏيندا رهيا ته لال سائين جي آمد ٿيڻ واري آهي. مٿس ان حوالي سان ڪافي سختيون به ڪيون ويون پر مرشد جي عشق ۾ پاڻ هر سختي برداشت ڪندا رهيا ۽ نيٺ لال سائين جڏهن سيوهڻ آيا ته ان وقت به پاڻ لال سائين جي خدمت ۾ مصروف رهيا سو سچ ته لال سائين جي خدمت ڪندڙن به وڏا مقام ماڻيا آهن ان ڪري اڄ حڪومتي ادارن سان واسطو رکندڙ اهلڪارن کي گهرجي ته هو لال سائين جي زائرين کي وڌ ۾ وڌ سهوليتون فراهم ڪن ته جيئن ماڻهن کي ڏکيائين کي منهن نه ڏيڻو پوي ۽ من لال سائين جو روح به سندن خدمتن کي ڏسي  راضي ٿئي.

The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12.yahoo.com   ----     thekawish_hyd.yahoo.com


Want to review or comment on this article?


Need a FREE Reader Membership?
Popular Action/Thriller Articles
  1.  PART 10 THE FACETS OF DEATH
  2.  Anomalous Mental Phenomenon (AMP) – Cl
  3.  Should I Trust the Police?
  4.  Criminology as Pseudoscience
  5.  Fill in the Blanks
  6.  My First Pitch
  7.  The Birthday Vault
  8.  Kissing-Up Fraud
  9.  Is Ron DeSantis Obssed With Sex And It
  10.  Hanley (Doc) Harding
  11.  Is Donald Trump trying to sever ties w
  12.  The Birthday Vault
  13.  Latest review of Under the Healing Dom
  14.  Patriotic Protests
  15.  Is Self-Publishing a Children’s Book t
  16.  https://readershouse.co.uk/jeanne-burr
  17.  The Age of Consent
  18.  PART 9 CHRIST IN YOU
  19.  Book Review: The River Never Speaks by
  20.  Today is a Red-Letter Day
  21.  Exploring Creativity
  22.  Adolf Hitler speaks…and humanity answe
  23.  Justifiable Homicide
  24.  “The Transformative Power of the Virgi
  25.  When Journalism and Novel Writing Coll

Free Book Review Program
Select a book to read and review today!

Tiger Tiger by Frank Ryan

Murder mystery in the Sandy Woodings series  
Member BookAds

Watson Falls - a small town with a deadly secret by MORGAN ST. JAMES

Mack's friends suggested he visit a quaint town in Washington State called Leavenworth, but they had an ulterior motive—a motive that resulted him agreeing to help one of their friends track down her missing sister. That led him to the remote small t  
Member BookAds

Dr. Romance's Guide to Finding Love Today by Tina Tessina

A step by step guide to finding love safely, successfully and have fun doing it!  
Member BookAds