AuthorsDen.com   Join | Login    
Where Authors and Readers come together!

SIGNED BOOKS    AUTHORS    BOOKS    SAMPLE CHAPTERS    AUDIOBOOKS    eBOOKS    STORIES    ARTICLES    POETRY    BLOGS    NEWS    VIDEOS    SUCCESS    TESTIMONIALS

Featured Authors:  Aberjhani, iRachel Glasgow, iMr. Ed, iJohn DeDakis, iJennifer Miller, iLinda Alexander, iFlo Fitzpatrick, iLinda Frank, iRobert Wood, iPatricia Hilliard, i

  Home > Literary Fiction > Stories
Popular: Books, Stories, Articles, Poetry      Authors: A B C D E F G H I J K L M N O P Q R S T U V W X Y Z     

liaquat razvi

 Follow Me  

· Contact Me
· Books
· Poetry
· Stories
· 9 Titles
· 2 Reviews
· Save to My Library
· Share with Friends!
·
Member Since: Mar, 2009

liaquat razvi, click here to update your pages on AuthorsDen.


NAME
by liaquat razvi
Friday, February 26, 2010

Rated "G" by the Author.

       
Recent stories by liaquat razvi
· MARHEE
· man saved from solitude
· Time, i and american foreign policy
· closed into bag
           >> View all 5


     SHORT STORY IN SINDHI LANGUAGE

   ڪهاڻي

                    نالو

                 

منهنجي بـ ٻڌو، خدارا ! اگر جي اوھانجو ڪو پيرُمرشد يا الله رسول آهي تـ انهن جي مُحابي، ڪجھـ منهنجي بـ ٻڌو...

پر ميٽنگ ۾ موجود ماڻهن مان ڪنهن بـ هن جي َڳالهـ ڪانـ ٻُڌي. اهي سڀ پنهنجي گفتگوءَ ۾ محو رهيا، سواءِ هڪ شخص جي. جيڪو صاحب جي پويان بيٺو هو۽ اهڙي نموني بيٺو هو ڄڻ سڄيءَ ميٽنگ ۾ ائين ئي بيهڻ لاءِ پُرعزم هو. توڻي جو هن جي آواز، سندس پُرعزم پوز کي ٿوري دير لاءِ لوڏي ڇڏيو.پر ٺيڪ ان لمحي صاحب کيس ڪجھـ چوڻ لاءِ اشارو ڪيو ۽ هو هڪدم  رُڪوع وانگر جھڪي ويو. ميٽنگ ۾ دراصل هو اڪيلو بيٺل شخص ڪونـ هو. صاحب جي

سامهون رکيل طويل مستطيل ٽيبل جي ٻئي ڇيڙي تي ويٺل هڪ خاتون جي پويان بـ هڪ شخص، ساڳئي پُرعزم انداز ۾ بيٺل هو. پر جيڪڏهن ويٺلن مان ڪوبـ هن جي چهري ڏي ڏسي ها تـ سمجھي وڃي ها تـ هو جلد ئي ٿڪجي پوندو.اهو شخص ماضي ۾ قومپرست هئو. ٿي سگھي ٿو هاڻي بـ هُجي پر اظهار نـ ڪندوهجي. البت اها ڳالهـ صاف ظاهر هُئي تـ جيئن هو ماضيءَ ۾ قومپرست سياست جو سرگرم ڪارڪن هو،ائين هاڻي هو ان خاتون جو پوليٽيڪل سيڪريٽري هو. جيڪا ڏسڻ ۾ معصوم،گول مٽول ۽ هميشه اهو ظاهر ڪندي نظر ايندي هُئي ڄڻ ڪنهن گھريءَ سوچ ۾ غرق آهي.۽ جنهن کي، زندگيءَ جي بوجھـ هيٺان د ٻجي ويل خلقَ، وقت جي طاقتور ترين عورت سمجھندي هُئي. صاحب پويان بيٺل شخص وقتن بوقتن صاحب جي اشاري تي پنهنجي ڪنڌ کي ائين جھڪائي رهيو هو ڄڻ ڪن ۾ صاحب جي ڳالهـ ٻڌڻ لاءِ نـ ،بلڪ ڪنڌ ڪپائڻ لاءِ جھڪائيندو هجي، سو بـ رضا خوشيءَ سان. جڌهن صاحب سندس ڪن ۾ ڪجھـ چئي رهيو هوندوهو ۽ پوءِ چپ ڪندو هو ۽ هو سڌو ٿي بيهندو هو، ان وچ ۾ سڄي ميٽنگ ڪنهن ساڪن منظر ۾ تبديل ٿي ويندي هئي.۽ لڳندو هو تـ اهي چند لمحا( اهڙا لمحا هرميٽنگ ۾ کوڙ ڀيرا ايندا هئا) ئي هوندا هئا جيڪي ان شخص جي پوري دنيا هئا ، جن دوران هو جھڪيل هوندي بـ سامهون ويٺل طاقت جي ايوانن ۾ رھندڙن کي، ائين ساڪن ڏسي،شعوري طرح پنهنجي چهري تي اهڙو تاثرُ قائم ڪندو هو ڄڻ هو، کين ساڪن شخصيتون تـ ڇا،عام تصويرن کان بـ تِڇُ ٿو سمجھي. ۽ انهن مختصر لمحن ۾ بـ هو خود کي ٻين کان منفرد رکڻ جو فن ڄاڻيندو هو. بقول سندس تـ هو ڪهڙي بـ ماڻهو کي  محظ اک ڇنڀ ۾ ڏسي سندس بڻ بڻياد،سوچ،رويا، لاڙا ۽ دلچسپيون ٻڌائي سگھندو هو. ذهين ترين هئڻ جي دعوا ڪندڙ ۽ پوءِ ان  ذھانت کي بـ رد ڪندڙ اهو شخص، لوئر مڊل ڪلاس جو فرد هو. هِن مَقام تي، هو چوندو هو تـ کيس رڳو پنهنجي ذھانت پُڄايو آهي، جيڪا سندس خيال ۾ زماني جي لحاظ کان وڏي ڪاميابي هئي. باقي صاحبُ تـ صاحب هوندو آهي. طاقت جو دلفريبُ مجسمو، برف ۽ باھ جي رنگ جهڙو.

جڏهن ٻيو ڀيرو هن جي دانهن، ” وقت جي بيوفا طاقت تي ڀاڙيندڙوءُ! منهنجي ڳالهـ بـ ٻڌو، هن عمر ۾ مون کي ڇو ٿا خوار ڪيو؟ ٻيلي ڏاھا ٿيو،منهنجي ٻـ سوءُ سالـ شناخت کي ڇو ٿا مٽيءَ ۾ ملايو؟ زماني ساز آهيو، ٻڌايو ڇا اهو مناسب ٿيندو تـ ٻن سوءُ سالن کانپوء ِمان پنهنجو نالو تبديل ڪيان؟“، ڪمري ۾  ائين گونجي هئي ڄڻ اچانڪ ڪمري ۾ ابابيل مُنجهي پيوهجي، تڏهن ڪمري ۾ موجود ماڻهن مان ڪنهنجي بـ ڌيان کي رھڙ ڪانـ آئي هئي سواءِ ان پهرين بيٺل شخص يعني سانول جي.هن جو آواز سانول جي هردي ۾ ڊرل مشين جيان سوراخ ڪرڻ لڳوهو. بيچين ٿي جھُڪندي سانول،  صاحب جي ڪن ۾ هڪ ملائم پرَٰ اعتماد ڀرئي آواز ۾ ڀُڻڪيو،’ سر ! ايجنڊا...‘

صاحب ۽ ٻيا بلڪل عادت وانگر ايجنڊا تي موٽي آيا. ميٽنگ ۾، جيڪڏهن ٻنهي بيٺلن کي بـ شُمار ڪجي، جن نـ تـ ايجنڊا تي ڪجھـ ڳالهايو هو ۽ نـ وري کين ان بابت ڪجھـ ڳالهائڻو هو، تـ ڪُل ملائي چوڏهن ڄڻا هڪ آرامده ھال نما ڪمري ۾ موجود هئا. انهن مان جيڪي عورتون هيون، اهي پاڻ ۾ اهڙي طرح ويٺيون هيون جيئن نوٽڻ راند ۾ ٽي ساريون ٽِڻَ ٺاهڻ لاءِ رکبيون آهن. تن ۾ ٻـ قومي اسيمبليءَ ۽ هڪ صوبائي اسيمبليءَ جي ميمبرهُئي.جيڪي مرد هئا، انهن مان ٽيَ صوبائي اسيمبليءَ جا ميمبر(۽ انهن ٽنهي مان سمجھوُ تـ جنهن ۾ توهان کي بلڪل  توقع  ڪانهي اهو وڏو وزير هوندو)، هڪ چيف سيڪريٽري ۽ چار اهڙا شخص ويٺل هئا جن کي ميٽنگ ۾ جيڪا ڳالهـ باربار ڪرڻي هئي سا هئي صاحب جي هر ڳالهـ جي ڀرپور ۽ پُرجوش تائيد. يعني تـ اهي مُعزز شهري هئا. انهن کي بـ هن مخاطب ٿي ٻاڏايو،’اوهان بـ ان ڳالهـ کي نٿا سمجھو. ائين پنهنجي وڏڙن جي هڏن کي ڇوٿا شرمسار ڪيو، ڇا اوھان جيڪي چاليهـ پنجاھ سالن جا محض فاني انسان آهيو،اِن عمر۾ پنهنجونالوتبديل ڪندوءُ؟             ۽ جي ڪندوءُ بـ تـ ڇا تبديل ٿي سگھندوءُ؟‘پر معزز شهري پنهنجي ڊيوٽيءَ ۾ رُڌل رھيا. هن کي لڳو تـ سندس آوازُ ڪنهن بـ ڪونـ ٻڌو. هوايڏو دل برداشتـ ٿي ويوجو هن کي اهو بـ معلوم ڪونـ ٿيو تـ ڪمري ۾ هڪ شخص يعني سانول سندس آواز ٻڌي پيو. پر گھڻي دير ٿي چڪي هئي. ميٽنگ پڄاڻيءَ کي پهچي چڪي هئي.هڪ نڪاتي ايجنڊا يڪراءِ منظور ٿي چڪي هئي.ميٽنگ ۾ صاحب۽ سندس سامهون           ويٺل خاتون بنان بغض جي هڪ نڪاتي ايجنڊا تي ڳالهايوهو،باقي ٻيا سڀ انهن سان رضا خوشيءَ سان راضي ٿيا هئا يعني متفق ٿيا هئا.سڀني اهڙي خوشگوار اتفاق تي ٿورو ٿورو ڳالهايو بـ هو.هڪ دفعو ميٽنگ ڪجھـ ساعتن لاءِ صاحب پنهنجي اڪتاهيل نظرن سان بيزاري واري نموني روڪي رکي هئي. جڏهن صوبائي اسيمبليءَجي ان ميمبر،جيڪو     اوهانکي غيرمتوقع طور تي وڏو وزير لڳو هو،سنڌي ڊرامن ۾ ايندڙ نشئين جي ناڪام اداڪاري ڪندڙاداڪارن جهڙي انداز ۾ چيو هو تـ ، ’سر! هيءَ ڳالهـ بـ سوچڻ جي آهي تـ جڏهن اسين هنجو نالو تبديل ڪيون، جيڪو بيشڪ هڪ عظيم ڪارنامو آهي،تـ اسان کي هن لاءِ نـ رڳو هڪ وڏي پيڪيج جو اعلان ڪرڻ کپي، بلڪ سندس ٻـ سوءُ سالـ تاريخ کي نظر ۾ رکندي ۽ هنجي 1912ع کان وٺي ضلع جي حيثيت جي ڪري جيڪي انتظامي رڪاوٽون هجن،انهن تي بـ نظرثانيءَ لاءِ ڪا ڪاميٽي جوڙڻ گھرجي.‘ انهن ڪجھـ ساعتن ۾ ان ٺوڙهي ايم پي اي کي،اتي ويٺل هڪ ٻئي ايم پي اي،جيڪو ماضيءَ جو شاندارايٿليئيٽ

۽ بهترين باڪسرهو، طنزيـ مرڪ سان پنهنجيون ڄاڙيون گھمائيندي اهڙو جواب ڏنو هو جنهن تي صاحب بـ مرڪي ڏنو هو ۽
ميٽنگ اڪتاهيل نگاھ مان بحال ٿي جاري رهي هئي.ميٽنگ ۾ خاتون جو سيڪريٽري هڪ دفعو چُريو هو،جڏهن کيس خاتون جي اشاري تي پگھرجي ويل منرل واٽر جي بوتل مان گلاس ڀري انتهائي ادب سان پيش ڪرڻو پيو هو. جڏهن تـ سانول چار دفعا(ٽي ڀيرا صاحب جي اشاري تي ۽ هڪ دفعو هن جي دانهنُ تي بيچين ٿي) چُريو يعني جھڪيو هو. ميٽنگ دوران جيڪو مڪالمو سانول صاحب کي ،پنجون ڀيرو جھڪي چوڻ لاءِ بار بار پنهنجي ذهن ۾ پئي ورجايو،اهو ڪجھـ هن ريت هو’سائين! ڪلچر قومن جي شناخت هوندي آهي ۽ شهرَ ان ڪلچر جو قيمتي اثاثو. سائين! تاريخ گواھ آهي تـ جڏهن بـ ،جتي بـ جيڪي طاقتون ڪِن ثقافتن سان تصادم ۾ آيون تـ تباھ ٿي ويون..‘ پر سانول کي ان ۾ چئلينج محسوس ٿي،تنهنڪري ان جي بدران هن سوچيو تـ هو ائين چوي،’سائين! قديم شهرن جا نالا انهن شهرن جوثقافتي روح هوندا آهن ۽ سٺا حڪمران  قومن جي ثقافتي ورثي جا وارث بـ هوندا آهن، انڪري ...‘ ان ۾ سانول

کي ڪجھـ وڌيڪ جذباتيت معلوم ٿي، انڪري هن فيصلـ ڪن انداز ۾ سوچيو تـ هوائين چوي ’سائين! عظيم قومن جا اوهان جھڙا عظيم اڳواڻ ئي هوندا آهن جيڪي شهيدن جي ياد کي تاقيامت پنهنجي سيني ۾ هڪ دلڪش زخم جيان نـ رڳو تازو رکندا آهن بلڪ انهن جي ياد جا يادگار بـ جوڙائيندا آهن. ان حد تائين جو ڪنهن پوري ضلعي کي شهيدن جي نالي سان پڻ نوازيندا آهن. انڪري سائين! منهنجي نماڻي گذارش آهي تـ اسان وٽ،ملڪ جي هر ضلعي جو شهيد آهي،ڇونـ سڄي ملڪ جي ضلعن کي شهيدن جو آباد ڪيون...‘

ليڪن اهو سڄو مڪالمو سانول کي الائي ڇو بيهوده۽ محض پنهنجي ان بيچينيءَ جونتيجو لڳو هو،جيڪا هن جي دانهنِ سندس دل ۾ پيدا ڪئي هئي.بس هو چپ رهيو هو. شهرُ بـ ماٺ ٿي ويو هو. ميٽنگ ڪاميابيءَ سان،چيف سيڪريٽري کي نالي جي اهڙي تبديليءَ بابت حتمي انتظامي حڪمن جي ھدايتن سان گڏ ختم ٿي چڪي هئي. معزز شهرين،جيڪي ان (نالي ۾) مرحوم شهر جي نمائندگي ڪري رهيا هئا،ان موقعي تي شهر ۾ اٺ ڏينهن جشن ملهائڻ جي اجازت جي درخواست انتهائي چاپلوسيءَ واري انداز ۾ پيش ڪئي هئي ۽ جيڪا صاحب ٽن ڏينهن جي صورت ۾ مغروريءَ سان منظور ڪئي هئي.

 

 

 

 

 

 

 

ليکڪ جا حق ۽ واسطا محفوظ.

. لياقت رضوي 2010ع

 

Want to review or comment on this short story?


Need a FREE Reader Membership?


Reviewed by pat medlin 3/10/2010
interesting endeavor

Free Book Review Program
Select a book to read and review today!

Dreamer On The Mountain; Pine Valley; Book Four by Corrine Ardoin

Book Four in my Pine Valley Series continues the story about the quirky residents of a fictitious rural community somewhere in California.  
Member BookAds

Hauling Through by Peter Bridgford

An underachieving college graduate attempts to join a quirky Maine fishing community.  
Member BookAds

3 WAY MIRROR by Odin odin@aflx.com

3 WAY MIRROR is about a lost identity as experienced by a twenty-eight-year old who thinks he's Charles Randall, until strange events suggest otherwise.  
Member BookAds