\
ڪهاڻي
لياقت رضوي
ٻُوريءَ ۾ بند...
چوڪنڊين سرن جي فرش تي پيل ٻوريءَ ۾ هڪ ٻلو بند هو.
خوشگوار ڏينهن جو خالي آسمان تمام وسيع ۽ روشن هو. سج ۾ گھڻي تپش ڪانـ هئي پوءِ بـ منهنجي لاءِ اڃان اهو ناممڪن هو تـ مان ان کي سڌيءَ طرح ڏسي سگھان. هونئن مون سج کي ڏٺو هو، جن ڦُوٽن ۾ نانيءَ جي ٽي بي هئي ، انهن سان مون سج کي منجھند جو ڇت ٿي وڃي ڏٺو هو. سج مون کي ڏسي سُسي ويو هو. سج کان وڌيڪ اهو ننڍڙي چنڊ جهڙو ٿي ويو هو. مان هن ڪي ناني جي ڦوٽن کانسواءِ ڏسڻ چاهيندو هوس.
اسڪول مان موٽندي مون هڪ دفعو ڪوشش ڪئي هئي پر سج کي ڪونـ ڏسي سگھيو هئس. پوءِ مون ڏاڍو خوش ٿيندي سوچيو هو تـ ، امان کي جڏهن ٻڌائندس تـ اڄ مون کي اسڪول ۾ تقرير ڪرڻ تي سائين يامين متاثر ٿي، اڌ ڳاڙهي اڌ نيري پنسل انعام ۾ ڏني هئي تـ امان ڏاڍي خوش ٿيندي. جڏهن چوٿين ڪلاس ۾ پهريون نمبر کڻي مان پنجين ۾ آيو هئس تـ امان ايڏي خوش ٿي هئي جو پاڙي جي سڀني ٻارن ۾ مٺائي ورهائي هئائين ۽ مون کي هڪ ڍينگلو خرچي بـ ڏني هئائين . اسڪول مان موٽندي مون اهو بـ طئي ڪيو هو تـ انعام واري پنسل ڏيکاري بتول کي چيڙائيندس ۽ جيڪڏهن هن پنسل کي ڇهيو بـ تـ ڄونڍا پٽيندوسانس هوءَ مون کان ٻـ سال وڏي هئي. ادا کيس پڙهڻ جي موڪل ڪانـ ڏني هئي. ان جون ڪسرون مون مان ڪڍندي هئي ، ڏاڍو ماريندي هئي .
گھر پهچڻ سان مون ڏٺو هو تـ چوڪنڍين سرن جي فرش تي پيل ٻوريءَ ۾ هڪ ٻلو بند هو. جنهن جي پاسي کان ٿورو پرڀرو بتول ، ٻوري ۾ ڦٿڪندڙ ٻلي کي ڏسڻ ۾ محو هئي . مون کان منهنجا سڀ ويچار وسري ويا هئا.
دروازي مان مون ڊوڙ پاتي هئي ، جنهنڪري چائنٺ تان ٿاٻو کائي اچي آڳُر ۾ ڪريو هئس . منهنجي کيسي ۾ پيل پنسل پري وڃي ڪِري هئي .توڻي منهنجي ٺونٺ بـ رهڙجي وئي هئي ، پوءِ بـ مان بنان دير اٿيو هوس ۽ اچي بتول کي ٿيلهو ڏيندي چيو هئم ، پري ٿيءُ . هيءُ منهنجو ٻلو آهي . بتول رانڀاٽ ڪندي رنڌڻي ڏي هلي وئي هئي. ٻوريءَ ۾ بند ان ٻلي کي ڏسڻ جي شوق ۾ مون کان انعام واري پنسل بـ وسري وئي هئي .جنهن کي کڻي بتول رنڌڻي ڏي رُئنديِ وئي هئي .
ٻوريءَ جو مُنهن مضبوطيءَ سان بند هو . ٻلو اندر گول پئي ڦِريو. ٻوري ٻاهر اڻپورين گولائين ۾ پئي ڦِري .لڳو ائين پئي تـ اجھو ٿو ٻوريءَ جو مُنهن کُلي . پر مون کي پڪ هئي تـ ٻوري سُٿري ڪونـ کُلندي . ڇو تـ اها امان جي ٻڌل هئي . امان ، ادا ۽ مون کي جڏهن ٻلين جا پلونگڙا ، ٻوريءَ ۾ ٻڌي مڇي مارڪيٽ ڇڏي اچڻ لاءِ ڏيندي هئي تـ اتي پهچي سدائين ادا ، چاچي ميروءَ مڇيءَ واري کي ٻوري کولي ڏيڻ جون منتون ڪندو هو . صفا پڪ هوندي تـ ٻوريءَ جو مُنهن ڪونـ کُلندو پوءِ بـ هڪ اڻڄاتل خوف کان مان ٻوريءَ کي ويجھو ڪونـ پئي ويس . ٻلو ساعت لاءِ سانت ٿي ويو هو . امان ماني کڻي آئي هئي . هن سان گڏ بتول بـ هئي جنهنجي هٿ ۾ منهنجي انعام واري پنسل هئي . ان ڏي منهنجو ڌيان ڪونـ ويو هو ڇو تـ ٻلو ماٺ ٿي ويو هو . مون کي لڳو هو تـ هو مري ويو هوندو پر پڪ ڪانـ هئي انڪري ڊڄندي ڊڄندي مون ٿورو اڳيان وڌي ٻوريءَ ڏي اڃان هٿ ئي مس وڌايو هو جو ٻلو اچانڪ پوري طاقت سان ڦٿڪيو هو . مان ڊپ ۾ امان کي وڃي چنبڙيو هئس . مان ضرور روئان بـ هان پر بتول منهنجي ڇرڪڻ ۽ ڊڄڻ تي ٽهڪ ڏنا هئا . مون رئڻ کي روڪي بتول ڏي لُوه پائڻ چاهي هئي کيس مارڻ لاءِ ، امان مون کي روڪي پيار سان چيو هو ، اچ ، اچي ماني کاءُ ، رڳو ٿو ڀيڻ سان وڙهين . ائين چوندي هوءَ جڏهن مون کي کٽ ڏي وٺي وڃڻ لڳي هئي تـ مون پنهنجي پنسل لاءِ ضد ڪيو هو .
بتول پهريائين اهو چئي تـ ، ’مون اها الله جي پَٽَ تان لڌي آ ‘ امان کي پنسل ڪانـ ڏني هئي پر پوءِ امان جي هڪڙي ئي دڙڪي تي اها مون ڏي اڇلائي هئي .ٻوريءَ ۾ بند ٻلي جي ڪري امان کي پنهنجي هٿن سان مون کي ماني کارائڻي پئي هئي . منهنجو سڄو ڌيان ٻلي ۾ رهيو هو . پوءِ جڏهن ادا آيو هو ۽ ٻلي کي ٻائي واري باغ ۾ ڇڏي اچڻ لاءِ مان ۽ ادا قبرستان ٽپي روڊ تي چڙهيا هئاسين تـ ادا مون کي چيو هو تـ هاڻي تون هٿَ ڪڍيس ۽ ٻوري کي روڊ تي رکي گھلڻ لڳو هو . ٻلو ٻوريءَ ۾ ڇال ڏيڻ لڳو هو . ڪنهن ڪنهن مهل ٻوري ادا جي هٿن مان ڇڏائجي پئي وئي هئي . مون کي اهڙو مزو پئي آيو هو جو مون دعا پئي گھري هئي تـ ٻائي وارو باغ ڪڏهن بـ نـ اچي .ٻلي جي خوفزده خوفناڪ طاقت جي ڪري ، الائي روڊ تي رهڙجڻ جي ڪري ، اها ٻوري ڦاٽي پئي هئي . ادا ۽ مان ڇرڪ ڀري ويا هئاسين . ٻلو گم ٿي ويو هو . ڦاٽل ٻوري جي ٻنهي پاسن کان بيهي اسين ٻيئي ڏاڍو کليا هئاسين .
پندرهن سالن کانپوءِ اها ڳالهـ مون کي هڪ منحوس تهـ خاني ۾ منهنجي سامهون گھميل فرش تي پيل اُن ٻوريءَ کي ڏسي ياد آئي آهي جيڪا ، هنن مون تي ڏاڍو تشدد ڪرڻ کانپوءِ آڻِي رکي هئي. ۽ ٿوريءَ دير کانپوءِ جنهن ۾ هو منهنجي ٽڪرن سان چونو ۽ پٿر وجھي ، اها ڦليليءَ ۾ اڇلائڻ کڻي ويندا .
ليڪک جاحق ۽ واسطا قائم . لياقت رضوي 2010