AuthorsDen.com   Join | Login    
Where Authors and Readers come together!

SIGNED BOOKS    AUTHORS    BOOKS    SAMPLE CHAPTERS    AUDIOBOOKS    eBOOKS    STORIES    ARTICLES    POETRY    BLOGS    NEWS    VIDEOS    SUCCESS    TESTIMONIALS

Featured Authors:  Erin Kelly-Moen, iChristine Boyce, iAnita Shaw, iLisa Loucks Christenson, iGibbs Williams, iDiane Hundertmark, iEdward Patterson, iBryon Smith, iShannon MacLeod, i Aberjhani, i

  Home > Literary Fiction > Stories
Popular: Books, Stories, Articles, Poetry      Authors: A B C D E F G H I J K L M N O P Q R S T U V W X Y Z     

liaquat razvi

 Follow Me  

· Contact Me
· Books
· Poetry
· Stories
· 9 Titles
· 2 Reviews
· Save to My Library
· Share with Friends!
·
Member Since: Mar, 2009

liaquat razvi, click here to update your pages on AuthorsDen.


Time, i and american foreign policy
by liaquat razvi
Thursday, March 11, 2010

Rated "G" by the Author.

       
Recent stories by liaquat razvi
· MARHEE
· man saved from solitude
· closed into bag
· NAME
           >> View all 5


     sindhi short story

 

                                                         ڪهاڻي
          وقتُ مان ۽ امريڪي خارجـ پاليسي
 
 مون کي اسپتال کڻي ويندڙ گاڏيءَ جي رفتار سست هئي پر ان جي سائرن جو آواز ڏاڍو تيز هو. مون کي پڪ هئي تـ گاڏيءَ کان پهريان ئي، سائرن جو آواز اسپتال پهچندو. بهرحال جيسيتائين گاڏي اسپتال پهچي، مون وٽ جيڪو وقت بچيو هو. اهو منهنجو ڪونـ هو ليڪن پوءِ بـ منهنجو هو. ۽ هميشه وانگر مان ان کي سمجھڻ کان قاصر هئس.
گھڻا سال اڳي منهنجي هڪ دوست مون کي صلاح ڏني هئي تـ وقت کي سمجھڻ لاءِ مان فزڪس پڙهان. سچي ڳالهـ تـ اها هئي ، مون کي سندس صلاح ٺيڪ لڳي هئي. همٿ افزائيءَ طور مون هن کان،ڄڻ راضي ٿيندي، انهن ڪتابن جا نالا بـ پڇيا هئا جيڪي فزڪس طور مون کي پڙهڻ کپندا هئا. پر منهنجي اندر ۾ ڪٿي __ يا دماغ ۾ يا دل ۾، ڪوئي طنز ڀريو احساس بـ موجود رهيو هو. جنهن مون کي اڪسايو پئي هو تـ ان دوست کي مان ڪم عقل سمجھان . مون کي منهنجي اها ڳالهـ ڪانـ وڻي هئي. ليڪن  مٿان وري سنڌين وانگر جن کي فزڪس تي ڳالهائڻ لاءِ يڪدم آئن ايسٽائن ۽ اسٽيفن ھاڪنگ جا نالا ايندا هئا يا ڪن کي آئزڪ نيوٽن ۽ ڪارل سهگان جو ذڪر ڪرڻ بـ وڻندو هوندو، جڏهن ان دوست چيو هو تـ مان آئن ايسٽائن جي’ نسبت جو نظريو‘( جنهن لاءِ هن ٿيوري آف رليٽوِٽيءَ جو اصطلاح ڪم آندو هو) ۽ هاڪنگ جو ڪتاب بريف هسٽري آف ٽائيم( جنهن کي هن ’وقت جي مختصر تاريخ‘چيو هو) پڙهان . تڏهن مون ان طنز ڀرئي احساس کي پاڻ تي خوشيءَ سان   حاوي ٿيڻ ڏنو هو. مون کي اهو حق ڪونـ هو تـ مان ڪنهن کي ڪم عقل سمجھان. پر مون کي اهو حق استعمال ڪندي مزو ايندو هو. مزي تي مون کي ياد ايندو هو تـ اھڙيون ڳالهيون ننڍپڻ ۽ جوانيءَ تائين سٺيون لڳنديون آهن. ماڻهو جڏهن شادي ڪندو آهي يا پوءِ پوڙهو ٿي ويندو آهي تـ هن لاءِ مزي جو مطلب ئي بدلجي ويندو آهي. مصيبت اها آهي تـ ماڻهو جڏهن ٻار هوندو آ تـ وقت لاءِ ٻيءَ طرح سوچيندو آهي، جوانيءَ ۾ ٻي طرح ۽ پِيريءَ ۾ اڃان بـ ٻي طرح سوچيندو آهي. وقت مگر ڇا سدائين ساڳيو هوندو آهي؟
ننڍي هوندي وقت تي تـ ڇا هر ڳالهـ تي خوشي ٿيندي هئي، حتاڪ موت تي بـ.
اف خدايا! موتُ ( جيڪو منهنجي زندگيءَ جو لازمي حصو هوندي بـ ڪڏهن لازمي حصو ٿي نـ سگھندو ) هڪ دفعو مون کي ڊيڃارڻ ۾ ناڪام ويو هو. ٻيو دفعو مان ان کي ماڻڻ ۾ ناڪام ويو هئم .مون نيٺ آئن ايسٽائن ۽ اسٽيفن هاڪنگ ڪونـ پڙهيا هئا. جن لاءِ مون وٽ الڳ الڳ سبب هئا. ليڪن پاوُل ڊيوِس جا ’ گاڊ اينڊ نيو فزڪس ‘ ۽ ’ ففٿ مرڪل ‘ بنان سبب جي پڙهيا هئا. مون کي منهنجي خيال ۾ وقت جي حقيقت ۽ ان جي باري ۾ پنهنجي تصور جي خبر پئجي ويئي هئي. مون سمجھيو هو اها خبر مون کي اڳي ئي هئي. جيڪا پوءِ مون کان وسري وئي هئي.
ڪيتريون ئي ڳالهيون مون کان وسري وينديون هيون. مثالُ پنسل شارپ ڪري اسڪول کڻي وڃڻ، جنهن تي پوءِ مس صبا وڏي واڪي پنسل شارپ ڪري اچڻ جي تاڪيد سان گڏ مون کي ڳل تي هوريان چماٽ بـ هڻندي هئي. جنهن ۾ قطعي بـ منهنجي بي عزتي ڪرڻ جو ارادو شامل ڪونـ هوندو هو. پوءِ بـ منهنجي دل مس صبا جي سفيد سنهڙين آنڱرين کي چڪ هڻڻ تي چوندي هئي، جن ۾ ٻـ سونيون منڊيون ۽ هڪ سونو ڇلو پاتل هوندو هو. هن جي ڳچيءَ ۾ پيل سوني زنجير ۾ گلن واري ABC  جي سوني ايس جڏهن سندس سيني جي اُڀارن ۾ اٽڪي اُڀي ٿي ويندي هئي تـ مون کان ڏسڻ وسري ويندو هو. يا رٻڙ وات ۾ وجھي ان کي ٽافي سمجھي نـ کائڻ وسري ويندو هو، جنهن تي امان اڪثر زور سان ٿڦ هڻي جڏهن پنهنجي آنڱر وجھي منهنجي وات مان رٻڙ جا ذرڙا ڪڍڻ لڳندي هئي ٽـ منهنجي دل کيس چڪ هڻڻ تي ڪانـ چوندي هئي،اُلٽي ڪرڻ تي چوندي هئي. امان کي شڪ هو تـ رٻڙن کانسواءِ مان پنسلون ٻـ کائيندو هوندس. هوءَ روز مون کي ڊيڄاريندي هئي تـ رٻڙ ۽ پنسلون کائڻ سان پيٽ ۾ ڪينئيان پيدا ٿيندا آهن. مان روز امان کان پنهنجي پيٽ ۾ پئدا ٿيل ڪينئين بابت پنهنجو پُرتجسس تصور لڪائي ويندو هوس. ۽ خوش ٿيندو هوس تـ امان کي مٽيءَ کائڻ جي خبر ڪانـ هئي. مان ڏاڍو سوچيندو هوس تـ مٽي کائڻ سان پيٽ ۾ ڇا پئدا ٿيڻ کپي پر مطمئن ڪونـ ٿيندو هوس . ها. مون کان سدائين ڪوڙ ڳالهائڻ بـ وسري ويندو هو. مان ٿورو وڏو ٿيو هوس تـ مونکان اهي مارون بـ وسري ويون هيون ،جيڪي مون مٿين ڳالهين تي کاڌيون هيون. پوءِ مان وڏو ٿي ڦاسي ويو هوس. توبهن. مان بـ عجيب هئس. ننڍو هوندو هئس تـ شديد خواهش ڪندو هئس تـ جلدي وڏو ٿيان ۽ وڏو ٿي سوچيندو هوس تـ ڪاش! مان ٻارهجان هان.
دنيا ڪجھـ ائين ٺهيل هئي جو جيڪو وڏو ٿيندو هو،دنيا لاءِ کيس ڪجھـ نـ ڪجھـ ٿيڻو هوندو هو. مون لاءِ بـ وقتُ،هاڻي جنهن لاءِ مون کي پڪ هئي تـ اهو بـ منهنجي خلاف دنيا سان بريءَ طرح مليل هو، سوچيو ويٺو هو تـ مون کي وڏو ٿي نوڪر ٿيڻو هو يا مالڪ، سَگھو ٿيڻو هو يا ڪمزور، مايوس ٿيڻو هو يا پُراميد ، عوام ٿيڻو هو يا اڳواڻُ. مطلب تـ ڌوڙ ٿيڻو هو يا ڇائي. مان مورڳو وڏو ٿي بـ وڏو ڪونـ ٿيو هوس. ها، جيڪڏهن ميٽُ، مٽي، رٻڙ، ٻُوراني ، بوڙينڊا ، لائي ، چاٽو ، ڪمندُ ۽ پنسلن کائڻ ڇڏي ڏيڻ کي ۽ ننڍپڻ جي راندين نـ کيڏي سگھڻ کي وڏو ٿيڻ چئجي تـ پوءِ ٻي ڳالهـ هئي. ليڪن ازلي مجبوريءَ تحت منهنجي وڏي ٿيڻ جو انحصار وقت تي هو. تڏهن وقت کي الائي ڪنهن بادشاھُ سڏيو هو جڏهن مان ننڍڙو هئس. مون کي ڏاڍو مزو آيو هو. بادشاھَ تڏهن مون کي ڏاڍا وڻندا هئا. غلامن جي يا باغين جي تڏهن مون کي خبر ڪونـ هئي ، انقلابين جي بـ ڪونـ هئي. سچي ، ويچاري ماڻهو کي خبر ڪونهي پر هن سان اها وڏي مصيبت آهي تـ هو چاهي نـ چاهي ، کيس ڄاڻيندو رهڻو آهي. مان ان ڳالهـ جو عيني گواھ هئس. دنيا انتقام جي حد تائين مون کي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ ڪمربستـ هئي. تڏهن مون لفظن کان فرار ٿيڻ چاهيو هو ۽ نارنگي شام ، سونهري ٻپهريءَ ۽ چانديءَ جهڙي صُبح ۾ لفظن کانسواءِ لهي ويو هئس.ستارن ڀرين راتين کي مون پنهنجو لباس ڪونـ ڪيو هو، پنهنجي حيرت جو لباس ڪيو
هو. ڪيترا ڀيرا اُماوس راتين ۾ ، پنهنجي تصور جهڙي حُسناڪ آسمان جي اڻڳڻين ستارن جي وچ ۾ مون پنهنجي اکين سان پنهنجون اکيون ڏٺيون هيون. وقتَ جڏهن مون کي لفظ ’آزاديءَ‘ سان ملايو هو تڏهن البت مون خود کي واقعي بـ وڏو سمجھيو هو؛ ديس جي هڪ انوکي سپاهيءَ طور. مون لاءِ تڏهن زندگي ديس جي آزادي لاءِ مليل انمول موقعو هئي. اچانڪ وقتَ ڪبوتر وانگر بلاٽي کاڌي هئي. جي ايم سيد کان لينن تائين پهچڻ ۾ مون کي ايترو وقت بـ ڪونـ لڳو هو جيترو محض هڪ شهر کان ٻئي شهر تائين پهچڻ ۾ لڳندو آهي. مون چالاڪ بيشرميءَ سان يا معصوم سادگيءَ سان پاڻ کي راضي ڪري ورتو هو تـ مان قومن جي آزاديءَ تي طبقاتي جدوجهد کي ترجيح ڏيان. ائين علحدگيءَ جو خواب نـ ، جهموريت جي خواهش ڪيان ۽ آدرشي انساني سماج(جنهن کي بعد ۾ مون ’الائي ڪهڙي بلا‘چيو هو) جي نظرئي کي ڪميونزم سمجھان. پوءِ جدوجهد. اف! جدوجهد ! انسان کي پنهنجي خوابن جي قيمت ڪيڏي سنگين نموني ادا ڪرڻي پوندي آهي. جئين زندگيءَ جا پنهنجا لوازمات هئا ، ائين جدوجهد جا پنهنجا لوازمات هئا ۽ رومانس جا پنهنجا. مان مگر مڙنئي لوازمات لاءِ مارڪسي فلسفو ڪتب آڻيندو هوس. ائين جيترو عرصو جنهن ڳالهـ کي زندگيءَ جو مقصد سمجھي مون جدوجهد ڪئي هئي ۽ مان جي حليم بروهي هجان ها تـ پوءِ ان کي پنهنجو گند ڪرڻ ڪوٺيان هان ، تنهن کي وقت منهنجي جواني قرار ڏنو هو. تڏهن دنيا کي تبديل ڪرڻ جي خواب دنيا کي تبديل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. مايوسي جئين بهادر لاءِ حرام هوندي آهي ائين ڪمزور لاءِ بـ. مان ٻيئي ڪونـ رهيو هوس انهي ڪري مايوس ٿي ويو هوس. مايوسي ماڻهوءَ ۾ دنيا لاءِ بيدلي ۽ زندگي لاءِ اڪتاهٽ پئدا ڪندي آهي. مون لاءِ پهرين ڳالهـ صحيح هئي ٻي غلط.
پهرين مون کي خبر ڪونـ هئي تـ مان ڇو مايوس ٿي ويو هوس. پوءِ مون فرض ڪيو هو تـ مان مايوسيءَ مان مايوس ٿيو هوس. تڏهن مون الف جهڙي نج اڪيلائي ۽ مقناطيس جهڙي مشت زني دريافت ڪيون هيون. پهرينِ منهنجي روح جو اطمينا ن ٿي هئي ۽ ٻين منهنجي جسم جي تسڪين. اڪيلائي نازڪ الائي ڇو هوندي هئي ۽ مشت زني مزيدار الائي ڇو هوندي هئي. حيرت جي ڳالهـ هئي تـ مون ان تي سوچيو ئي ڪونـ هو. مون تـ اهو بـ ڪونـ سوڇيو هو تـ مان ماڻهن مان بيزار ڇو هوندو هئس. تنهن هوندي بـ مان رڳو پيو سوڇيندو هوس. مون کي سوڇڻ لاءِ اهڙيون ڳالهيون درڪار هونديون هيون جن تي ان وقت تائين اڳ ۾ ، ڪنهن انسان نـ سوچيو هجي. مايوسي مون کي ٿڪائي ڪانـ سگھندي هئي. پوءِ مون اڃان گھڻي مايوس ٿيڻ کي ترجيح ڏني.’ مايوس ماڻهوءَ جي بهترين پناھ گاھ خدا هوندو آهي.‘ جي مونکي خبر هُئي پر سمجھو تـ ڪانـ هئي ، ڇو تـ اها ڳالهـ مون کان وسري وئي هئي. پر پوءِ بـ انسان هئڻ جي ناتي ان ڳالهـ جا جائز جواز موجود هئا تـ مان گھڻي مايوس ٿيڻ کانپوءِ مذھبي ٿي وڃان. ان ڳالهـ جي ڀوءُ ۾ ڪڏهن ڪڏهن مان مايوسيءَ کي بـ ڀُلجي ويندو هوس. پر اڇانڪ مون ٻيو گند ڪيو هو، جنهن جي مون مان مونکي بـ توقع ڪانـ هئي. مون  شادي ڪري ڇڏي هئي. مون خود کي دوکي ڏيڻ لاءِ اهو بـ فرض ڪيو تـ منهنجي مايوسي ، اڪيلائي ۽ مشت زني بـ ائين غلط هيون جيئن آزاديءُ جو خواب ۽ ڪميونزم جي پوئلڳي. خدا جو شُڪر هو تـ مون کان منهنجو شاديءَ کان اڳ شادي جو موقف وسري ويو هو.
پر هيءُ ڇا ٿيو هو؟ ٺيڪ آ مان گنهگار هئس. ٺيڪ آ مان اڃان خدا کان بيغبر هئس. ٺيڪ آ مان سزا جو حقدار هئس جو پوءِ شاديءَ جي چئن مهينن کانپوء ، هڪ ڏينهن پنهنجي خيال ۾ ان جاءِ تان پئي گذريو هئم جتان روز پنهنجي خيال ۾ گذرندو هئس تـ بقول نام نهاد مخالف ڌُر جي امريڪي خارجـ پاليسيءَ ڪري ٿيندڙ خود ڪش بم ڌماڪن مان هڪ ڌماڪي جو شڪار ٿيو هوس.
سست رفتار تيز سائرن واري گاڌي جيڪڏهن تيز ترين رفتار سان بـ هلي ها تڌهن بـ مونکي نٿي لڳو تـ مان بچي سگهان هان. ليڪن مايوسي جي اهڙي لمحي ۾ مون خود کي شديد ڪاوڙيل انداز سان گاڏيءَ جي تيزرفتارٿيڻ جي تمنا ڪندي ڏٺو. جيڪڏهن سائرن جو شور نـ هجي ها تـ مان وڌيڪ سڪون سان اهو يقين ڪندو اسپتال ڏي هلان ها تـ بڇي ويندسُ. ڇو تـ مون کي ڊپ جي ڪري نـ پر هڪ عجيب حسرت ذريعي معلوم ٿي ويو هو تـ گذريل چئن مهينن ۾ مون کي هن سان غضب جو پيار ٿي ويو هو جيڪا منهنجي مرڻ تي بيوھ ٿي وڃي ها. شايد گھڻي رتَ وهڻ ڪري مان هن جي سونهن ، سڳنڌ ۽ ان بي تحاشا مزي جو تصور ڪري ڪونـ سگھيس جيڪو مون کي هن سان حق شرع ڪندي ملندو هو. ۽ جنهن لاءِ ڪنهن ٻئي وقت مان مرڻ لاءِ بـ تيار ٿي وڃان ها.
جيڪو ماڻهو بغلن هيٺان ٻانهون ڏيئي مون کي سنڀالي پنهنجي هنج ۾ کڻي هلي رهيو هو ۽ جنهن جا سڄا ڪپڙا منهنجي خون سان لال هئا. ان ۾ ئي مون کي اميد هئي تـ مون کي بڇائي وٺندو. جنهن جي گوڌن تي منهنجون رتو رت ٽنگون ڀڳل ڪاٺين جيان پيون هيون. اهو ڌاڍو ڊنل هو. استريئچر تي ٻـ لاش نـ پيل هجن ها تـ مان پيل هجان ها. پوءِ شايد بيهوش ڪونـ هجان . پوءِ شايد گھڻو رت بـ ڪونـ وهي ها جو مون کي سنڀالي ويٺل ٻيئي پوءِ منهنجي وهندڙ رت کي سولائي سان روڪي سگھن ها.
گھڻي رت وهڻ ۽ لاڳيتي بيهوشيءَ نيٺ مون کي ٿڪائي وڌو ۽ منهنجي مري وڃڻ کانپوءِ بـ گا ڌيءَ جو ساڳيءَ طرح اسپتال وڃڻ هڪ بيهوده مذاق وانگر جاري رهيو.
.
           
 
 
 
 
 
 
ليکڪ جا حق ۽ واسطا قائم . لياقت رضوي 2010

 

Want to review or comment on this short story?


Need a FREE Reader Membership?



Free Book Review Program
Select a book to read and review today!

Pieces of Eight by Jay Dubya

Pieces of Eight is an eclectic collection of eight imaginative novellas/short stories. Themes represented in the work are science fiction, paranormal, psychological drama, humor, murder/revenge and astrological fulfillment. Pieces of Eight is the com  
Member BookAds

Ten Tales, a short story collection by Dean Cambourakis

"A fast-paced collection that excels in taking a close look at ordinary people in extraordinary circumstances." - Kirkus Reviews  
Member BookAds

A God Named Joe by Peter Jessop

It's the Devil who runs heaven and God is actually a vagrant called Joe.  
Member BookAds