AuthorsDen.com   Join | Login    
Where Authors and Readers come together!

SIGNED BOOKS    AUTHORS    BOOKS    SAMPLE CHAPTERS    AUDIOBOOKS    eBOOKS    STORIES    ARTICLES    POETRY    BLOGS    NEWS    VIDEOS    SUCCESS    TESTIMONIALS

Featured Authors:  Glenda Bixler, iDavid Schwinghammer, iDean Cambourakis, iErin Kelly-Moen, iGwendolyn Thomas Gath, iAnn Marie Hannon, i RickthePoetWarrior, iDavid Arthur Walters, iKalikiano Kalei, iDiane Hundertmark, i

  Home > Literary Fiction > Stories
Popular: Books, Stories, Articles, Poetry      Authors: A B C D E F G H I J K L M N O P Q R S T U V W X Y Z     

liaquat razvi

 Follow Me  

· Contact Me
· Books
· Poetry
· Stories
· 9 Titles
· 2 Reviews
· Save to My Library
· Share with Friends!
·
Member Since: Mar, 2009

liaquat razvi, click here to update your pages on AuthorsDen.


man saved from solitude
by liaquat razvi
Thursday, March 11, 2010

Rated "G" by the Author.

       
Recent stories by liaquat razvi
· MARHEE
· Time, i and american foreign policy
· closed into bag
· NAME
           >> View all 5


     sindhi short story

 

                                                                        ڪهاڻي
                                            لياقت رضوي
 
                   اڪيلائي کان بچي ويل ماڻهو
 
          اوڻونجاهـ سالن جي عمرالدين جي،ايم آر ڊيءَ دوران گولي لڳڻ ڪري گوڏي وٽان،جيڪڏھن کاٻي ٽنگ نـ ڪٽي وئي ھجي ھا تـ حڪومت پاران اعلانيل سستي اٽي جي ڏھ ڪلو جو پيڪيٽ وٺڻ ھو پاڻ وڃي ھا، مڙھيءَ ماءُ کي موڪلڻ جو قطعي ڪونـ سوچي ھا. موڪلڻ لاءِ تـ ھو پنهنجي ستاويهن سالن جي جاڙن پٽن،قاسم ۽ عباس مان ڪنهن کي بـ موڪلي پئي سگھيو. پر اھي ٻيئي جهموريت جي راڻيءَ جو استقبال ڪرڻ ڪراچي  ويا ھئا ۽ ارڙھين آڪٽوبر جي سانجهيءَ ۾ سمائجي ويا ھئا.
يا وري موڪلڻ لاءِ، ھو زال کي بـ موڪلي پئي سگھيو، پر ستاويهين ڊسمبر تي ھڪ لعنتي گوليءَ ھلڻ ڪري، ھڪ ٻئي پويان ٻـ عورتون ڪريون ھيون :  ھڪڙي کليل سن روف مان بليٽ پروف گاڏيءَ ۾ ۽ ٻي عمرالدين جي ڪکائين گھر جي پڌر تي.
ائين ٽيوھن سالن جي عمر ۾ ٽي بيءَ وِگھي فوت ٿي ويل پنهنجي ڌيءُ ساران، آري جي مشين ۾ پراسرار طرح ڪٽجي ويل سورھن سالن جي پٽ اصغر يا وري پنهنجي اٺن سالن جي پوٽي اڪبر ۽ ڇهن ۽ چئن سالن جي پوٽين کي موڪلڻ لاءِ ، ظاھر آھي تـ عمرالدين سوچي بـ ڪونـ پئي سگھيو.
برابر جهڙي ھُن جي طبيعت ھئي تـ ماءُ کي موڪليندي کيس تڪليف پئي آئي پر ٽن ابهمن جي بُکَ جو سوچي غربت جهڙي بدقسمت مجبوريءَ تحت نيٺ ھن خود کي ڪنهن طرح راضي ڪري ورتو. پوٽي اڪبر کي ٻن ٽن سڏن کانپوءِ جڏھن کيس ڪنهن بـ جواب ڪونـ ڏنو تـ ھو سمجهي ويو تـ ٽيئي ٻار( جواب لاءِ ماءُ جي باري ۾ ھن سوچيو ئي ڪونـ ) گھٽيءَ ۾ کيڏڻ ويا ھوندا . ٽيئي ٻار اسڪول ڪونـ ويندا هئا. ٽنهي ٻارن جون رانديون بـ اھڙيون ھونديون ھيون جيڪي سڃو ڏينهن ھلنديون ھيون. اھي دراصل راندين ۾ رانديون ھيون،جيڪي گھٽيءَ کان مين چوراهي تائين ۽ وري ڏکڻ ڏي عيدن جي هوٽل تائين کيڏيون وينديون هيون. انهن راندين ۾ پاڙي جا فقط اهڙا ٻار ئي شامل هوندا هئا،جيڪي اسڪول ڪڏهن ڪونـ ويندا هئا. عمرالدين کي ڀلي ٻارن کي پڙهائڻ جو اونو نـ هجي، جهموريت جو کيس وڏو فڪر هوندو هو. پر ٽنگ جي قربانيءَ کانپوءِ الائي ڇو هن خود کي ان فڪر کان بـ آزاد ڪري ڇڏيو هو. غربت مان البت هو ڪڏهن بـ آجو ڪونـ ٿيو هو. پنهنجي بوسيده ڪوٺڙيءَ مان ٽڪ ٽڪ ڪندي ٻاهر نڪري جڏهن هو ماءُ جي هڪ اهڙي ئي بوسيده، ٻي ڪوٺڙيءَ ڏي وڃڻ لڳو تـ اٽي آڻڻ لاءِ سوَ جو ميرو ۽ گھنجيل نوٽ بـ هن جي ساڄي هٿ ۾ هئو.
ڪمزور ۽ ويران روشنيءَ سندس ماءُ جي ڪوٺڙيءُ کي بـ ساڳئي منحوس اڻپوري اونداهيءَ سان اوڍي رکيو هو،جنهن ۾ سندس ڪوٺڙي رهندي هُئي. انهن ڪوٺڙين ۾ الائي ڪيترن سالن کان،ڏينهنءُ صحيح طرح داخل ئي ڪونـ ٿيو هو. ماءُ کي نـ ڏسي عادت موجب هن کي ڪاوڙ آئي ۽ عادت موجب ئي هو ان کي بـ ويو.هڪ ناگزير قانون تحت اڻپڙهيل عمرالدين کي خبر هئي تـ هن وقت ماڻس جي، پنهنجي ڪوٺڙيءَ ۾ ڪانهي تـ يعني عيدن جي هوٽل تي چانهـ پئيڻ وئي هوندي. عيدن،جيڪو ستهتر سالن جي سفوران کي ’امان سفوران‘ چوندو هو ۽ سندن پاڙي ۾ رهندو هو،سو عمرالدين جو هم عمر هو. ننڍپڻ ۾ تـ هو ٻيئي گھاٽا سنگتي هُئا پر وڏا ٿي ڇڊا ٿي ويا هئا. سفوران سان، ليڪن عيدن ائين ئي پيش ايندو هو،جيئن ننڍي هوندي ايندوهو.    
عمرالدين جي گھر ۾ اهڙي ڪابـ شيءِ ڪونـ هئي، جنهن جي چوري ٿيڻ جو ڀوءُ هجي، تنهنڪري (شايد) عمرالدين گھر کليل ڇڏي، ٽڪ ٽڪ ڪندو گھٽيءَ ۾ ٻاهر آيو. سندس ڪاٺ جي گھوڙيءَ جي ان ٽڪ ٽڪ کي سڄو پاڙو عمرالدين طور سُڃاڻيندو هو. ۽ عمرالدين پنهنجي ان گھوڙيءَ کي جهموريت جو انعام ڪوٺيندو هو، پر اها پُراڻي ڳالهـ آهي، هاڻي عمرالدين کان بـ وسري وئي آهي. گھٽيءَ ۾ ويراني ۽ مايوسي، اتي موجود گندگيءَ جهڙيون حقيقي هيون. ماڻهن جي اچ وڃ سان، انهن يعني ويراني،مايوسي ۽ گندگيءَ تي ڪو فرق ڪونـ ٿي پيو، نـ ڪو وري ايندڙ ويندڙ ماڻهن لاءِ ئي پئي پيو.کليل ناليءَ تي جيڪي ٻار هنگيِ رهيا هئا، انهن ۾ هن جا پوٽو پوٽيون ڪونـ هئا(اڪثر
هوندا آهن)، ليڪن جيڪي ٻار هئا تنِ ڪيس بيحجاب
رڙيون ڪري ٻڌايو تـ ’ناني سفوران ٽنهي ٻارن کي
وٺي، پاڙي جي ٻين ماين سان گڏ سستو اٽو وٺڻ
 وئي هئي.‘ عمرالدين پنهنجي بيوقوفيءَ کي
نظرانداز ڪندي ڪاوڙ مان ٻارن کان پڇيو تـ ’امان
پئسا ڪٿان آندا جو اٽو وٺڻ وئي؟ ھان؟‘ ٻارن کي
ڪهڙي خبر، هو چپ ٿي ويا.عمرالدين بغير ڪاوڙ
جي کين بد شد ڳالهائيندو،ٽڪ ٽڪ ڪندو مين_
چوراهي ڏي وڃڻ لڳو. کيس حيرت،ڏک ۽ ڪاوڙ
هڪ جيتري نموني ڀڪوڙي ڇڏيو. هن کي سمجهـ
۾ ڪونـ پئي آيو تـ ماڻس بنان پئسن ۽ بغير ٻڌائڻ جي
اهڙيءَ رش ۾،ڪيئن ٿي وڃي سگھي، سو بـ ٻارن
کي ساڻ ڪري! جيترو هن ان ڳالهـ تي سوچيو پئي
سوچيو،اوتري کيس مونجھـ پئي محسوس ٿي.
هو وهمي بـ ٿي چڪو هو،ڪمزور بـ هو، غريب بـ
هو۽ مايوس بـ هو. ان ڪري هن جا سمورا خيالات
منفي هئا. پوءِ بـ هن،ماءُ يا ٻارن بابت انديشن ۽
وسوسن سان ڀريل خيالن کي سپچڻ ڪو نـ پئي
چاهيو،جيڪي هر ٽڪ ٽڪ تي هنجي دماغ ۾ ائين
تي لهي ويا جيئن مترڪي سان ڪاٺ ۾ ڪوڪو لهي
ويندو آهي. هوٽل تي پهچي،هوٽل ٻاهران ناليءَ
مٿان ڌڪي ٺاهي ويٺل موچيءَ کان،جڏهن هن کي
عيدن کان سوءُ روپيا وٺي،واقعي بـ ٻارن سميت
ماڻس جواٽي وٺڻ لاءِ وڃڻ جو معلوم ٿيو هو،تڏهن
هن پريشان ٿيڻ بجاءِهوٽل تي رکيل رنگين ٽي وي
۾،سستي اٽي تي ڳڏ ٿيل هجوم جي براه راست
منظرن ۾ مگن ٿيڻ جي ڪوشش کي ترجيح ڏني
هئي. پنهنجي ڀڳل ڪانيءَ واري پري جي نظر
واري عينڪ جي وساري اچڻ کي ساري،اکيون
چنجھيون ڪندي،هو ٽي ويءَ کي غور سان ڏسڻ
لڳو،ان اميد سان تـ متان سندس ڪمزور نظر،
پنهنجي دردن ماري ماءُ تي پوي، جنهن ٽيهـ سال
اڳ پنهنجي مڙس(جيڪو ڀٽي جي ڦاسيءَ واري
ڏينهن پاڻ کي زنده ساڙي چڪو هو) پوءِ پُٽن،ڌئين
پوٽن،ڏوهٽن ۽ پاڙي اوڙي ۾ الائي ڪيترن جا موت
ڏٺا هئا.الائي ڪيتري غربت ڏٺي هئي،الائي ڪيتري
بيوسي برداشت ڪئي هئي. منڊڙي عمرالدين،ماءُ
کي ڏسڻ لاءِ اکين کي اڃان وڌيڪ چنجھو ڪيو،
جنهن سان سندس اکين جي چوڦير گھُنجن جو ڃار
ٺهي پيو هو. ڌنڌليِ نظر ايندڙ اسڪرين تي جڏهن،
سستي اٽي وٺڻ لاءِ ايلن تي امالڪ پوليس لاٺي
چارج شروع ڪئي تـ آيل انبوه،جنهن ۾ بـ گھڻائي
عورتن جي هئي،وٺي ڀاڄ کاڌي. ٻار، جيڪي بـ
جھجھي تعداد ۾ هئا،ڪي ڪريا،ڪي ڪرڻ کان بچايا
ويا. پر عمرالدين ان منظر کي ڪونـ سمجھيو نـ تـ
هن کي پنهنجي جوانيءَ ۾ جھموري جلسن تي
ڪڙڪندڙ آرمي ۽ ايف سيءُ جا منظرَ ياد اچن هان
۽ ڏکُ بـ ٿئي ها، ليڪن هن جي پري جي نظر
خراب هئي. ٽي ويءَ ۽ رنگ برنگي ڌنڌلي
اسڪرين کانسواءِ ، کيس ٻيو ڪجھـ نظر ڪين ٿي آيو
انهيءَ ڪري براه راست ڌيکاريندڙَ ڪئمرامين جي
مڙسيءَ باوجود، هو ٻارن کي پِيهـ ۾ ڪرندي ۽ ماءُ
کي مٿي ۾، پوليس جو ڏنڊو لڳندي ڪونـ ڏسي
سگھيو. پري هئڻ ڪري هن رپورٽر جي اُڪسائيندڙ
آواز کي بـ ڪونـ ٻڌو، جيڪو سفوران کي اجنبي
عورت چوندي ٻڌائي رهيو هو تـ گھڻي خون وهڻ
ڪري اُها فوت ٿي چڪي هئي. ڀڄ ڀڄان ۽ هُٻڙ ڌُٻڙ
۾ ڪريل ۽ زخمي ٿيل يارهن ٻارن مان بـ پنج ٻار
فوت ٿي ويا هئا، جن ۾ عمرالدين جا پوٽو پوٽيون
بـ شامل هئا پر هو بيخبريءَ سان ٽي ويءُ ڏي ئي
ڏسي رهيو هو. جڏهن تـ عيدن جيئن ئي اها هانءَ
ڦاڙ وارتا ڏٺي، هڪدم غم ۽ غصي جي اچانڪ
اڀريل لهر لڙهندي،هن ڏي وڃڻ لاءِ اندران دخل
تان اٿيو. ڌنڏلي عيدن کي ايندو ڏسي، هن کي 
پنهنجي گوڏ ۾ ٻڌل ميري گھنجيل سوَ جي نوٽ
جي يادگيري آئي. ان سان گڏ ئي ماءُ تي آيل ڪاوڙ
بـ ياد آئي. هن فيصلو ڪري ورتو تـ عيدن کي سوءُ
روپيا منهن تي اُڇلائي هڻندو.
عيدن اکين ۾ ڳوڙها ڀري،سفوران۽ ٻارن جي مرڻ
جو اطلاع ڏيڻ لاءِ هن تائين ليڪن ڪونـ پهچندو.ڇو
تـ ان وچ ۾ غيرمتوقع تيزيءَ سان،هڪ اڇي رنگ
جي ڪار پريان موڙ کان نڪري،عمرالدين کي ڌوڙ
جي بادل ۾ ڇڏي گذري ويندي. ان جي پويان ،
ساڳئي تيزيءَ سان پوليس موبائيل بـ ظاهر ٿيندي.
سائرن جي آواز ۽ فائرنگ تي روڊ ويران ٿي
ويندو. پر منڍڙو عمرالدين پناھ جي لاءِ هوٽل ۾
اندر ڀڄي ڪونـ وڃي سگھندو،ڌڪيءَ تي ويٺل
موچيءُ ونگر.
۽ عيدن جيستائين ڪري پيل عمرالدين وٽ پهچندو
تـ اڪيلائي کان بچي ويل عمرالدين، پنهنجي کليل
ڪکائين گھر واپس موٽڻ لاءِ زندھ ڪونـ هوندو. پر
سندس ماءُ ۽ ٻارن جا لاشَ وصول ڪرڻ لاءِ، هن
جي رت ۾ ڳاڙهي ڪاٺ جي گھوڙي تيسيتائين
صحيح سلامت هوندي.
    
 
 
 
                             Copy right . Liaquat Razvi.
2010.

Want to review or comment on this short story?


Need a FREE Reader Membership?



Free Book Review Program
Select a book to read and review today!

Dreamer On The Mountain; Pine Valley; Book Four by Corrine Ardoin

Book Four in my Pine Valley Series continues the story about the quirky residents of a fictitious rural community somewhere in California.  
Member BookAds

London: Lashed, Lacerated, Lampooned and Lambasted by Jay Dubya

London: Lashed, Lacerated, Lampooned and Lambasted satirizes 18 popular Jack London novellas with adult content and language and the work is author Jay Dubya's 37th published hardcover/paperback book.  
Member BookAds

Helios by Dean Cambourakis

Helios is an award winning novel about a brilliant inventor of new technology, a fallen CEO seeking redemption, and an idealistic youth who comes of age in corporate America.  
Member BookAds